سانئِيَمِ! سَدائِين ڪَرِين، مَٿي سِنڌُ سُڪارَ؛

 

دنيا ڀر ۾ رهڻ وارو سنڌي دوستو!
              اسين توهان سان هن بارود ڀريل دنيا ۾ امن، خوشحالي، انسانيت جي احترام جي اميد سان مخاطب آهيون ته خدا ڪري هي دنيا امن جو گهوارو بنجي. بارود جي بارش ۽ معصوم جانين کي خون ۾ وهنجارڻ وارا مذمت لائق عمل بند ٿين، عالمي طاقتون انسانيت جو احترام اپنائي آزاد ۽ خودمختيار قومن جي حقن جو احترام ڪن.
        ساٿيو! جئين ته اسان ۽ توهان بحثيت سنڌي هجڻ جي ڪري ڏيهه ۾ امن جي علامت ۽ پرڏيهه ۾ امن جا سفير آهيون. ڇاڪاڻ ته اسان جو تعلق انهي ديس سان آهي جتي هميشه امن جي آبياري ڪئي وئي آهي. نفرت، هوڏ، انتها پسندي جو ٻڄ ان ڌرتي تي ڇٽيو ئي ناهي ويو. اُخوت، رواداري ۽ انسانيت جي احترام جا عنصر ان ديس جي مٽي ۾ ڳوهيل آهن. جتان جيڪڏهن ڪو آواز گونجي ته ان جي پڪار اهائي هجي ته؛
                                 سانئِيَمِ! سَدائِين ڪَرِين، مَٿي سِنڌُ سُڪارَ؛
                                  دوسَ! مِٺا دِلدارَ، عالَمُ سَڀِ آبادِ ڪَرِين.

يا پوءِ اهو آواز هي هجي ته؛
                               جنهنجو نالو جنگ، اُن جو انگ انگ آڳ آ،
                             تنهن کان سڀڪو تنگ، او شل، باهه تباهه ٿئي!
      اسان انهي سڄي صورتحال جي پس منظر ۾ پنهنجي سنڌڙي ڏي نهارينداسين ته اُها به موجوده بارود ڀريل دنيا ۾ مظلوميت جو هڪ نشان نظر ايندي. جتي جي خوشحالين جو ضامن ۽ سنڌ جي هميشه جو ساٿي ”سنڌو دريا“ پنهنجيون لهرون موجون ۽ دهشت وڃائي چڪو آهي. سنڌو جي پيٽ مان اُڏامندڙ واري تيز هوائن جي جهوڪن ۾ واڪا ڪندي سنڌ ۽ سنڌين جي تباهي جا مرثيه ٻڌائندي محسوس پئي ٿئي. سنڌ جي ٻهڙاري جي حالت ڏسڻ کانپوءِ اهو عقل تسليم ئي نٿو ڪري ته هي اُها سنڌ آهي جنهن جي آمدني مجموعي ملڪي آمدني جي 70 سيڪڙو مڃيل آهي. پر ساٿيو! اها هڪ اٽل حقيقت آهي ته ايترين وسيلن سان ڀرپور هئڻ باوجود به سنڌ غربت ۾ آهي ۽ اُتي جا رهواسي غريب آهن. اهو ڪو مٿائين تقدير جو عمل ناهي پر واڳ ڌڻين جون بنايل ڪي پاليسيون آهن جن جي ڪري دانسته طور تي سنڌ جا ماڻهو نظر انداز ٿيندي غربت جي دلدل ڏانهن ڌڪبا وڃن پيا. ۽ ان جو ٻيو سبب اهو ته اقتدار جي طاقت جي گرائونڊ ۾ اڃا ڪو به باضمير سنڌي پهچي ناهي سگهيو جيڪو صورتحال کي تبديل ڪري سگهي ۽ نه ئي ڪو عوامي پريشر ته پاليسيون برابري جي بنياد تي جڙي سگهن. باقي ضمير فروشن ۽ ڌرتي لڄائڻ وارن جي هر دور جئيان اڄ به ڪا ڪمي ناهي. وزيري مشيري جو عهدو حاصل ڪرڻ لاءِ سوداگرن جي لائن لڳي پئي آهي جيڪي ڀڳڙن مٺ ڌرتي وڪڻڻ لاءِ تيار آهن. چند ڏينهن جي اقتدار خاطر ڪو ضمير فروش سنڌي هن سنڌ کي ڪالا باغ ڊيم جو تحفو ڏيندي دير نه ڪندو. جنهن جو نتيجو سنڌ ۽ ان جا ماڻهو بک ،بدحالي ،قحط ، سوڪهڙي، غربت، بيروزگاري جي عالم ۾ صدين تائين ڀوڳيندا. هن وقت اتفاق راءِ جي مهم ۾ اهڙا مڙس مٿير چوڌهرين کان به ٻه قدم اڳتي وڌڻ لاءِ آتا بيٺا آهن. صرف چند ڏينهن لاءِ اقتدار ۾ رهڻ جي ضمانت تي هو اهو سڀ ڪجهه ڪرڻ لاءِ تيار آهن.
             ڌرتي ديس اباڻا ڪک انهي ڳالهه جا حقدار هوندا آهن ته هر موقع تي مقدم رهن پر ضمير فروش ماڻهو انهن ڳالهين کان بيگانه بنجي ويندا آهن. انهن جي ڪردار جو احتساب سنڌ جي تاريخ ڪندي.
         هن وقت شاهه جي ننگري رواداري ۽ اُخوت جي مرڪز سنڌ جي سنڌين جي اهائي خواهش آهي ته کين برابري جي بنياد تي اهي حق ڏنا وڃن جيڪي سندن وڏي ڀاءُ جي حيثيت ۾ پنجاب ۽ اتي جي رهواسين کي حاصل آهن. سنڌو جي پاڻي تي ڊيم ٺاهي سنڌو جي وجود کي سنڌ ۽ سنڌي کان ڌار نه ڪيو وڃي. ماضي جئيان هاڻ نااهليت جا طعنا ۽ ليبل سنڌ جي ماڻهن تي هڻي انهن کي نظر انداز ڪرڻ وارين پاليسين جو خاتمو اچڻ گهرجي. سنڌ جي تمام وسيلن تي پهريون حق سنڌ جي مقامي رهواسين کي حاصل هئڻ گهرجي. ته جئين سنڌ جي عوام مان احساس محروميت کي
ختم ڪري سگهجي.

News

نصرت ڀٽو جو يادگار انٽرويو

22/01/2011 23:08
پنهنجي ور، ٻن موڀي پٽن ۽ سڪيلڌي ڌيءَ جي شهادتن کانپوءِ جيڪي ڏک ۽ تڪليفون بيگم نصرت ڀٽو برداشت ڪيون آهن، شايد هن دنيا ۾ ڪا ٻي اهڙي عورت نه هجي، سندس زندگيءَ جا ابتدائي ڏهاڙا سک ۽ خوشين وارا هئا- دل واري ور جي قيد ۽ ڦاهيءَ کان پوءِ ڏکن جيئن ئي کيس ورايو...
>>

وڌي واڙي لڳي ڀاڳ!

22/01/2011 12:12
آڪاش مهراڻوي (ڍاڪا، بنگلاديش)   سنڌ ۾ ڪافي عرصي کان اھو مامرو بحث ھيٺ ھو ته ”سنڌ کي ٽين مضبوط ڌر يا سگھاري سياسي قوت جي سخت گھرج آھي، اھڙي پارٽي يا پليٽ فارم جيڪو سنڌي قومپرست قوتن ۽ سنڌ جي وفاقي پارٽين کان...
>>

جان جيئين تان جل.........!

21/01/2011 10:51
  لطيف جي قدمن ۾ هڪ ڪالم رکڻ لاءِ جيئن ئي مون مٿين عنوان جي چونڊ ڪئي ته منهنجي سار جي تار تي لاطيني آمريڪا جي ان انقلابي شاعر جا لفظ وري اهڙي لئه ۽ ترنم سان وڄڻ لڳا، جهڙي طرح اهي پنجويهه سال اڳ وڳا...
>>

Visitors notice

21/01/2011 06:29
  وائيس  آف ٺري ميرواه انٽرنيٽ تي موجود سڀني سنڌي ادبي ويب سائيٽن ۾ هڪ نامياري ويب سائيٽ آهي. اسان جي ڪوشش رهندي ته اسين وائيس آف ٺري ميرواه جي انهيءَ معيار کي هميشه وانگر برقرار رکندا اچون. انهيءَ جي لاءِ اسان کي توهان جهڙن سنڌ امڙ ۽ سنڌي ٻولي سان پيار ۽ چاهه رکندڙ دوستن...
>>

Website launched

21/01/2011 06:28
Our new website has been launched today. Tell your visitors why you have started a new presentation and how it benefits them. Mention your goals and project advantages. Try to briefly give your visitors reasons why they should return to your pages.
>>

Items: 1 - 5 of 5

تصوير

The image gallery is empty.

Search site

© 2011 All rights reserved.Mehran Miandad shar